ڪوٽ غلام محمد لڳ ٻن ڀائرن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو ڌرڻو

ڪوٽ غلام محمد ( رپورٽ : الهداد خاصخيلي)  ٽي مهينا اڳ امام واہ موڙ تي ٻه سڳا ڀائرن محمد اسلم لنجواڻي، خان محمد لنجواڻي کي سري عام قتل ڪيو ويو جنھن جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ  خلاف ڪوٽ غلام محمد انٽري گيٽ تي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو،  ۽ نظر محمد لنجواڻي، ھدايت الله لنجواڻي ۽ محمد صديق لنجواڻي جي اڳواڻي ۾ميرپورخاص ڪنري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيوته اسان مطالبو ڪريون ٿا نااھل ايس ايچ او کي هٽايو وڃي اسلم لنجواڻي خان محمد لنجواڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيا وڃن جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه صدر حاجي محمد رفيق ڀرڳڙي نديم ساگر ڀرڳڙي. ڪامريڊ جميل ڌونڪائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.