حيدر آباد ۾ آرائيان پاڪستان جو اجلاس ڪوٺايو ويو

حيدرآباد(رپورٽر) مرڪزي تنظيم آرائيان پاڪستان جو اجلاس ذوالفقار رائل ريزيڊينسي ھٽڙي باءِ پاس تي منعقد ٿيو، جنهن ۾  سرپرست اعلي عبدالمجيد آرائين، مرڪزي صدر چوڌري محمد جميل آرائين ،جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز آرائين، چئيرمين زڪوات ڪميٽي چوڌري ظفرالله آرائين ايڊووڪيٽ ۽ مرڪزي عھديدار شريڪ ٿيا، آمريڪا کان آيل مھمان آمريڪن پاڪستاني پبلڪ افيئر ڪميٽي جي چئيرمين ڊاڪٽر طارق ابراهيم پڻ خصوصي شرڪت ڪئي. آمريڪي مھمان چوڌري محمد جميل آرائين پاران ذوالفقار رائل ريزيڊنسي ۾ ذوالفقار ويلفيئر ڪمپليڪس جي لاءِ عطيه ڪيل پلاٽن جو دورو پڻ ڪرايو ويو ۽ ان جي تعمير جي حوالي سان خاص مشورا ڏنا، مرڪزي صدر چوڌري محمد جميل آرائين چيو ته ذوالفقار ويلفيئر ڪمپليڪس جو پيڙهه جو پٿر جلد رکيو ويندو ھي فلاحي ادارو ضرورتمند ماڻهن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ھڪڙو مثالي ادارو ثابت ٿيندو مرڪزي صدر پاران مھمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا.17

  • غوثپور ۾ جي يو آءِ اجلاس، يونٽ امروٽي ۽ يونٽ ٻيروي جا عهديدار چونڊيا ويا

غوثپور (ن ع آ) غوثپور ۾ جميعت طلباءِ اسلام جو ڳوٺ محمد فاضل اوڳاهي منجھه يونٽ امروٽي جو اجلاس ضلعي صدر محمد ابراهيم شيخ جي سربراهي هيٺ ٿي گذريو،  اجلاس ۾ يڪراءِ سان يونٽ ٻيروي جو 2023 جي لاءِ جميعت طلباءِ اسلام يونٽ امروٽي جي صدر لاءِ حافظ محمد بلال اوڳاهي ۽ جنرل سيڪريٽري حافظ محمود الحسن اوڳاهي کي مقرر ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صدر محمد ابراهيم شيخ چونڊجي آيل عهديدارن ۽ شريڪ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مقصد بغير رنگ نسل جي خلق جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ چونڊجي آيل عهديدارن کي پنهنجي علائقي اندر نوجوانن کي جميعت جو پيغام پهچائي کين پنهنجو حصو بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.