ڪنڊيارو(ن ع آ) ڪنڊيارو ۾ اٽي جي کوٽ،وڌندڙ مهانگائي ۽ انتظامي ڪن لاٽار خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ريلي ۾ شريڪ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جا عهديدار،ورڪر ۽ شهري مهانگائي ۽ انتظامي نااهلي خلاف لکيل پمفليٽ ۽ بينرهٿن ۾ کڻي نعري بازي ڪندا اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ٻاهران پهتا جتي احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي وئي،ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو جو چوڻ هيو ته ڪنڊيارو سميت سموري سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي،روزاني جي کاڌي پيتي وارين سمورين شين جا هٿرادو اگهه وڌايا ويا آھن،