ڪراچي ۾ تڪبندين تي اعتراض، ايم ڪيو ايم جون درخواستون رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي مختلف ضلعن جي تڪ بندين خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ايم ڪيو ايم جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.درخواست گذار نشاط وارثي جي وڪيل جو چوڻ هو ته هي معاملو بنيادي طور تي يوسيز ۽ ٽائونز جي تڪ بندين جو آهي.چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان جنهن نوٽيفڪيشن کي چئلينچ ڪيو آهي، ان تي عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ به هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت سياسي فائدن لاءِ تڪ بنديون غلط ڪيون آهن،.عدالت تڪ بندين خلاف ايم ڪيو ايم جون ٻه درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. درخواست ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو.اورنگي ٽائون،مومن آباد، بلديا، نارٿ ناظم آباد ۽ شاهه فيصل ڪالوني جو تڪ بنديون غلط آهن.اپيليٽ اٽارني به اسان جو موقف نه ٻڌو، جيڪڏهن تڪ بنديون صحيح  نه ڪيون ويون ته چونڊون شفاف نه ٿينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.