ڏسڻو پوندو ته نيب ترميمون منظور ڪرڻ وقت ڪيترا ميمبر هئا؟

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ٻُڌڻي (اڄ) تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان پنهنجي دليلن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته درخواستن ۾ اهڙو ڪوبه ذڪر جوڳو نُڪتو ناهي جنهن جو جواب ڏئي سگهجي. قانون ان وقت رد ٿيندو آهي جڏهن ڪو ٻيو رستو نه بچندو هجي. هن چيو ته آئين ۾ عدليه کي قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار نه ڏنو ويو آهي. مخدوم علي خان چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ذريعي عدليه کي قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جا اختيار ڏنا، جيتوڻيڪ عدالتي فيصلي ۾ پڻ قانون ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اختيار مشروط آهي. هن چيو ته نيب ترميمن کي اسلامي اصولن خلاف ٿيل بنياد تي پڻ چئلينج ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪنهن به قانون کي شريعت قرار ڏيڻ لاءِ واحد فورم وفاقي شرعي عدالت آهي. سپريم ڪورٽ کي قانون جو شريعت جي پيراءِ ۾ جائزو وٺڻ جو اختيار ناهي. هن چيو ته قانونسازي پارليامان جو اختيار آهي، جنهن ۾ عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏئي چڪي آهي ته عدالت پارليامان جي نيت تي سوال نٿي اُٿاري سگهي. چيف جسٽس ان موقعي تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته قانون کي منظور ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ووٽنگ وقت موجود ميمبرن جو عددي تعداد پورو هئڻ گهرجي، ڏسڻو پوندو نيب قانون ۾ ترميم منظور ڪندي وقت ڪيترا ميمبر حاضر هئا؟ وفاقي حڪومت جي وڪيل ان موقعي تي مؤقف اختيار ڪيو ته ووٽنگ جي عمل ۾ شريڪ ميمبرن جو صحيح انگ معلوم ڪري ٻُڌائي سگهان ٿو. هن چيو ته اڄ تائين ڪوبه قانون ان بنياد تي ڪالعدم نه ٿيو آهي ته ان کي اڪثريتي ميمبرن منظور نه ڪيو. چيف جسٽس ان موقعي تي وفاقي حڪومت جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي محض هڪ سوال آهي جذباتي نه ٿيو. وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته پارليامينٽ جا ميمبر آئين مطابق فيصلو ڪرڻ جو حلف کڻن ٿا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.