لاهور( م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو پٽ راسخ الاهي به ايف آءِ اي وٽ پيش ٿي ويو. راسخ الاهي غير قانوني رقم منتقلي ڪيس ۾ ايف آءِ اي وٽ پيش ٿيو. ايف آءِ اي موجب راسخ الاهي ڏيڍ ڪلاڪ ايف آءِ اي وٽ موجود رهيو، سوالن جا جواب ڏنا. ايف آءِ اي موجب راسخ الاهي کي هڪ سوالنامو به ڏنو ويو، راسخ پنهنجي وڪيل ذريعي به جواب ڏيندو. 03