پنجاب ۾ وڏ وزارت تبديل يا گورنر راڄ، عدا لتي فيصلي جو انتظار

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب جي وڏ وزارت جو فيصلو اڄ  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيڻو آهي، پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ  وٺڻ جو حڪم ٿو ملي يا گورنر جو حڪم غير آئيني  قرار ڏنو ٿو وڃي يا لاهور هاءِ ڪورٽ اڃان ڪو ٻيو فيصلو  ٻڌائي ٿي.

ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هر طرح سان تياري مڪمل آهي. جيڪڏهن عدالت پرويز الاهي کي اعتماد وٺڻ جو حڪم ڏنو ته ان جي به پي ڊي ايم مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي. اهو به ممڪن آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم  خلاف پرويز الاهي سپريم ڪورٽ پهچي وڃي ان لاءِ به قانوني ٽيم مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي.

نامياري صحافي موجب پي ڊي ايم ڪنهن اڻوندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ گورنر راڄ  جي به تياري ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو اشارو گهرو  وزير راڻا  ثناءُ الله  به ڏئي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هاڻي بلڪل واضح آهي ته پرويز ا لاهي وٽ اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ نمبر پورا نه آهن ان ڪري هو پريشانيءَ  ۾ ڪوبه  غير آئيني قدم کڻي سگهي ٿو جنهن ڪري گورنر راڄ  جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي.

اڄ  لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي.

نوٽ: امداد سومروجو هي تجزيو روزاني عوامي آواز اڱارو 23-01-11 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.