اڏيرو لعل ۾ مهانگي ۽ اٽي جي بحران خلاف ڌرڻو

اڏيرولعل (ن ع آ)  هٿرادو مھانگائي ۽ اٽي جي بحران خلاف کنڊو اسٽاپ تي شھرين ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل  هاءِوي تي ڌرڻو ھنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرف کا سوين گاڏيون بيهجي ويون اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري اٽي جي وڌندڙ ريٽن جو نوٽيس وٺي اٽي جي قيمت 75 رپيا ڪلو مقرر ڪئي آھي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيوآھي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو  ته موجوده حڪومت ڪيترن ئي مھينن کان غريبن کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھه به ناھي ڏنو پوري ملڪ م اٽي جو بحران آهي اٽي جي قيمت 140 کا 150 روپيا ڪلو تائين پھتي آهي غريب عوام ھاڻي بک بدحالي سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھي اسان امپورٽيڊ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون  ته فوري طور سنڌ سميت ملڪ اندر اٽي جي بحران کي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام حڪومت خلاف مجبور ٿي روڊن رستن تي نڪري ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.