اداڪارن جي ڪردارڪشي خلاف ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري: وفاقي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءِ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستاني اداڪارن جي ڪردارڪشي ڪندڙ عنصرن جي شديد مذمت ڪندي ايف آءِ اي کان اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب بدتميزي، بدتهذيبي  ۽ ڪردارڪشي جي ڪريل مهم هلائندڙن جي سموري معاشري طرفان مذمت ٿيڻ گھرجي. ٻئي جي ماءِ ڀيڻ جي عزت نه ڪندڙ، اختلاف ڪرڻ وارن کي گاريون ڏيندڙ، گھرن تي حملا ڪري حراسان ڪندڙ ” گھريلو تربيت“ ظاهر ڪندا آهن.

مريم اورنگزيب موجب ادارا ملڪ جو اثاثو آهن، بيمار ذهن ماڻهو ئي ادارن تي حملا ڪندا آهن، فنڪار محنت سان معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهيندا آهن، عورت سياست، صحافت،فن يا ڪنهن ٻي شعبي ۾ مقام حاصل ڪندي آهي ته هميشه ڪردارڪشي ڪئي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.