عمران خان پارٽي عهديدارن جي ڪارڪردگي مان مايوس، قيادت کي ڇنڊ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران  خان لاهور جي پارٽي عهديدارن جي ڪارڪردگي تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ قيادت کي ڇنڊ پٽي آهي.

زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اجلاس ٿيو جنهن ۾ تنظيمي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب عمران خان پي ٽي آءِ لاهور جي عهديدارن جي ڪارڪردگي تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ قيادت کي ڇنڊ پٽي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لبرٽي جسلي ۾ ڪارڪنن ۽ عوام کي متحرڪ نه ڪرڻ ڪاوڙ جو سبب بڻيو.

اجلاس ۾ آءِ ايس ايف کي آزداڻا ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي الزمن تي عمران خان چيوته اڳتي آءِ ايس ايف پنهنجي مامرن تي تنظيمي قيادت کي جوابدا هوندي.

هن چيوته اليڪشن ڪرايو مُلڪ بچايو مهم کي تيز ڪيو ويندو، عوام تائين امپورٽڊ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ رجيم چئينج جي  حقيقت وائکي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.