نصيرآباد ۾تعليم کسڻ خلاف احتجاج،،شاگردن تي پوليس تشدد

نصيرآباد (رپورٽ:بشير بروهي) نصيرآباد بوائز هاءِ اسڪول جي نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن امتحاني فيس معاف نه ڪرڻ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جتي ياسين لنجواڻي، نويد کوسو، سردار کوسو، بهرام ميراڻي، زبير ميراڻي ۽ شاگردن چيو ته قمبر ضلعو ٻوڏ سٽيل قرار ڏنل آهي، فصل تباهه ٿي ويا، نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحاني فارم جي فيس 27 رپيا آهي، اسان کي فيس معاف ڪئي وڃي. ڌرڻي تي ويٺل شاگردن ۽ ڪوريج لاءِ پهتل صحافين سان ايس ايڇ او وڳڻ منظور چانڊيو بدڪلامي ڪئي.پوليس گردي تي شاگردن نعريبازي ڪئي ته پوليس اهلڪارن شاگردن توڙي ڪوريج لاءِ آيل صحافين تي تشدد ڪيو.بعد ۾ڊي ايس پي نصيرآباد مرتضيٰ ڪلھوڙو گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي انتظاميا سان گڏجي شاگردن کان ٻن ڏينهن جِي مهلت وٺندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.