پرويز الاهي، عمران مان مايوس، اسٽيبلشمينٽ کي منٿون

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي پي ٽي آءِ اندر ڏڦيڙ کانپوءِ محسوس  ڪري ورتو آهي ته هو اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو، جنهن کانپوءِ  سندس پريشانيءَ  ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ مسلسل اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪري رهيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف سان سندس سرچاءُ ڪرائي کيس پي ڊي ايم طرفان وڏو وزير برقرار رکيو وڃي پر کيس ڪابه موٽ نه ملي رهي آهي.

پڪا اطلاع آهن ته پرويز الاهي اسٽيبلشمينٽ جي طاقتور شخصيت سان هفتي دوران 3  ملاقاتون ڪيون آهن پر کيس انڪار ئي ٻڌڻو پيو آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته وڏ وزارت وڃڻ بعد پرويز الاهي پٽ سميت پرڏيهه وڃڻ جو به منصوبو جوري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته پرويز الاهي ۽ مونس الاهي ڪجهه مهينن دوران جيڪا اربين رپين جي ڦرمار ڪئي آهي ان کانپوءِ ڏيهه ۾ رهڻ سندن لاءِ خطري کان ٻاهر نه آهي. جنهن ڪري پيءُ  پٽ وڏي رقم پرڏيهه منتقل ڪري ڇڏي آهي.

نوٽ: عبدالله طارق جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز اربع 23-01-04 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.