اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين سرينڊر  ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، عدالت ايف آءِ اي کي سليمان شهباز کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي .اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سليمان شهباز جي حفاظتي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته حفاظتي ضمانت لاءِ درخواستگذار جو موجود هجڻ ضروري آهي . سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته سليمان شهباز 11 ڊسمبر تي پاڪستان پهچندو . گذريل ڏينهن سليمان شهباز حفاظتي ضمانت لاءِ پنهنجي وڪيل معرفت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي. 03

  • توشاخانه ڪيس جو فيصلو جلد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشه خانه بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس مصدق انور جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ دوران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ روشه خانه ڪيس ۾ درخواستگذار محسن شاهنواز رانجها، وڪيل اليڪشن ڪميشن سعد حسن عدالت ۾ پيش ٿيا. هوڏانهن  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي عدالت توشاخانه ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي واري فيصلي خلاف عمران خان جي درخواست ۾ حتمي دليل طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪري فيصلو  ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.