اڪري جي خانگي اسپتال ۾ڳورهاري عورت فوت، احتجاج

اڪري چودڳي  (ن ع آ) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ وزير ابڙو واسي پورهيت ديدار ابڙو جي گهر واري مسمات شاھ گل ابڙو ويم دوران پيٽ ۾ ٻار  مري وڃڻ سبب فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي مڙس ديدار ابڙو  احتجاج ڪندي چيو ته گهرواري کي ويم جي تڪليف سبب اڪري جي خانگي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر شاهين لاشاري وٽ کڻي آياسين جتي ڊاڪٽرياڻي ويم جو چئي علاج شروع ڪيو ۽12 ڪلاڪن بعد گهرواري جي طبيعت بگڙجي ويئي جنهن کي ڪرونڊي کڻائي وڃين رهيا هئاسين ته رستي ۾ فوت ٿي وئي، هن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي پئسن جي لالچ ۾ ٽائيم ضايع ڪري منهنجي گهرواري کي موت حوالي ڪري ڇڏيو وارثن فوتي عورت جو لاش فيض گنج اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد گهر کڻائي ويا لاش گهر پهچڻ تي فوتي عورت جي وارثن ۾ڪهرام مچي ويو،فوتي عورت جي مڙس ۽ وارثن ڊي ايڇ او خيرپور کان علاج ۾ غفلت ڪرڻ جي سبب ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن  الزام هيٺ آيل ايل ايڇ وي شاهين لاشاري الزامن کي رد ڪندي چيوته اسپتال اچڻ وقت عورت جي حالت نازڪ هئي ۽مون کيس تپاسڻ بعدٻئي اسپتال وڃڻ جو مشهورو ڏنوهو باقي منهنجي مٿان غلط اعلاج ۽پئسن وٺڻ جا لڳايل الزام سراسر ڪوڙ۽منهنجي ساک خراب ڪرڻ جي سازش آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.