غوثپور: ڪچي ۾ پوليس آپريشن، 2 مغوي آزاد، ڏوهارين جي فائرنگ

غوثپور (رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي) ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ جي هدايت تي 22 ڏينهن اڳ ڪرمپور پوليس ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تان اڻڄايل هٿياربندن پاران هٿان اغوا ڪيل بلوچستان واسي 2 ڄڻا گل محمد ۽ شير محمد بروهي جي آزاديءَ لاءِ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي جي اڳواڻي پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي ڪچي واري علائقي ڏوهارين خلاف آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين جي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، پوليس پاران 2 مغوي شير محمد بروهي ۽ گل محمد بروهي کي مقابلي بعد آزاد ڪرائي ورتو،  پوليس ڪارروائي ڪري ڏوهارين جي 5 گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، ڪجهه شڪي همراهن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، مغوين جي آزاديءَ کانپوءِ وارثن ۾ خوشي جي لهر اچي وئي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، ڪنهن به ڏوھاري سان رعايت نه ٿيندي. هن چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن هلندڙ آهي ۽ تنگواني مان اغوا ٿيل معصوم ٻار جلد کي آزاد ڪرائي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.