ثقافت ۽ ايڪتا جي اهميت

عامر خان مهيسر

آمريڪا جي ليکڪ، فلاسافر ۽ شاعر خليل جبران چيو آھي ته محبت منهنجي ماءُ جو ٻيو نالو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته دنيا جي هر ماءُ جو ٻيو نالو محبت ئي آهي، انهيءَ ڪري ڪابه ماءُ پنهنجي ٻار کي نفرت ۽ تعصب جو نه، پر محبت جو سبق ڏئي ٿي.

سنڌي ڪلچر جو روح ۽ جوهر آهي، اتحاد انساني، امن ۽ ترقي بني آدم، جنهن ۾ پوريءَ ڌرتيءَ جي گولي تي آباد ۽ وسندڙ انسانن ۽ سموريءَ جيوت سميت وڻن ٽڻن، فطري حسن ۽ قدرتي رنگن توڙي نظارن کي ”وحدت الوجودي“ نظر سان ڏسندي هڪڙي سڳي ۽ ڌاڳي ۾ پويل، جڙيل ۽ ڳنڍيل سمجهيو وڃي ٿو.

سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ڪلچر“ ۾ محبت، عدم تشدد، رواداري، حق خود اراديت، حب الوطني، قومي روايات ۽ سماجي طور طريقن کي سنڌي ڪلچر جي بنيادي ۽ مکيه جزن طور بيان ڪيو آهي. تاريخي طور تي سنڌ هزارين سالن کان پنهنجو منفرد مقام قائم رکيو آهي. ايڪتا لفظ جي معنيٰ آھي ايڪو، اتحاد، اتفاق ۽ ٻڌي،  ايڪتا جو ڏينهن ٻڌي ۽ وطن جي ماڻھن ۾ احساساتي ۽ ثقافاتي رشتا مضبوط ڪرڻ لاءِ ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينهن کي ملهائي ڌرتي ڌڻي پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو احساس پوري عالم انسانيت ۽ پنهنجي ديس واسين کي ڏيندا آھن. ڪنهن  به  وطن جي ثقافت ان جي تاريخ ۽ تھذيبي ارتقا سان گڏ شروع ٿئي ٿي. جيتري ڪا ڌرتي قديم ھوندي آھي اوتري ئي ان جي ثقافت مسافت طع ڪندي آھي. سنڌ پنهنجي  ھزارين سالن جي تاريخ جو تھذيبي واڌ ويجهھ ۽ ثقافتي ترقيء سان سفر ڪيو آھي، جيتري سنڌ جي ڌرتي ۽ ٻولي پراڻي آھي ايتري ئي ان جي ثقافت ۽ تھذيب به پراڻيون آھن. ثقافت جو ڏھاڙو ھر سال جي آخري مهيني ڊسمبر جي پهرين ھفتي جي آچر تي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آھي، ھڪ طرف جتي سنڌي قوم پنهنجي  ڌرتيءَ جي مالڪي ۽ ان کي پيش ايندڙ گھڻ طرفي حملن لاءِ پاڻ کي سياسي ۽ سماجي طور مضبوط ڪرڻ طرف وکون کڻي ٿي اتي ئي ان جو دشمن سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ان ۾ موجود رواداري، رقص، راڳ ۽ ايڪي کي ختم ڪرڻ  لاءِ سوين اٽڪلون کيڏي ٿو ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب تي وار ڪري ٿو.

پر شايد ڌرتيءَ جي دشمن کي اھا خبر ناھي ته  آخري فتح عوام جي ٿيندي ۽ ان عوام جي ثقافت ۽ سوچ جي ڪڙين سان ئي مضبوط ۽ محفوظ وطن جا بنياد پون ٿا. برصغير جي تاريخ ۾ سنڌ صدين کان خوشحال ۽ خطي ۾ امن امان جي ڌرتي رھي آھي ۽ ھندستان جي ورھاڱي کان پوءِ به  ھيءَ ڌرتي انتھا پسندي ۽ جنونيت خلاف ھڪ مضبوط قلعي جي حيثيت رکي ٿي.

ھن وقت جڏهن سنڌي قوم شعوري طور ڪر موڙي اُٿي آھي تڏهن ثقافتي مورچي کي به  سياسي دڳ وٺي وڃڻ سان ان مورچي تان دشمن کي للڪاري مضبوط محاذ پيدا ڪري سگھجي ٿو. ثقافتي جنگ سنڌي ماڻھن جي کٽيل جنگ آھن، جنهن ۾ انهن پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت تي ٿيندڙ ھر حملي جو پر زور نعري ۽ ڌرتيءَ سان وڌيڪ محبت جي وچن سان ئي دشمن کي للڪاريو آھي.

ھن وقت ضرورت ان شيء جي آھي ته  سنڌي قوم پنهنجي  ان مورچي کي قومي ۽ سياسي مقصد لاءِ  درست طريقي  سان استعمال ڪري ثقافتي ڪاڃن کي رڳو راڳ ۽ رقص ۽ اجرڪ اوڍڻ تائين محدود نه رکي پر ان ثقافتي رنگ کي عوامي رنگ ڏئي سنڌ جي قومي مسئلن ۽ ان جي وحدت تي ٿيندڙ وار کي ثقافتي مورچي تان ھڪل ڪري. پنهنجي دريا بادشاھ جي مالڪي کان ويندي سنڌ جي قومي شھيدن ۽ سياسي ڪيسن کي عام ماڻھو تائين پھچائي ۽ انهن  کي سياسي ويڙھ لاءِ تيار ڪري.

ھن وقت سنڌ جي نئين نسل کي سنڌ جا ھيروز جيڪي ڌرتيءَ لاءِ جانيون قربان ڪري شهادتون ماڻي ويا آھن پوءِ اُھي سنڌ جي ڪهڙي به شهر  ۾ دفن ٿيل ڇو نه ھجن يا ڀل ڪھڙي به دڳ سان واڳاپيل ھجن سياسي اڳواڻ ھجن، صحافي ھجن، شاعر ھجن، اديب ھجن، دانشور ھجن، سگهڙ ھجن، فنڪار ھجن يا وري استاد ھجن انهن سمورن جي مزارن تي پهچي گل نڇاور ڪري ڀيٽائون پيش ڪيون وڃن ته جيئن سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سميت ٻين مسئلن لاءِ به وڏي جاکوڙ ۽ تاريخ ۾ اھم ڪردار ادا ٿي سگهي. سنڌ واسين کي ھاڻي ھن ڏينهن کي قومي ايڪتا ۾ تبديل ڪري سياسي، علمي ۽ تعليمي انقلاب آڻي سنڌ جي خوشحالي لاءِ ھڪ نئون قدم اڳتي وڌائي وڌ کان وڌ تعليم پرائڻي پوندي جنهن سان سنڌ اڃان به وڌيڪ مُرڪي پوندي ۽ اِھا موجودہ وقت جي سڀ کان اھم ضرورت به آھي. جديد علمن سان ويجھڙائي سنڌ جي نوجوانن کي دنيا جي تبديل ٿيندڙ حالتن، سماجي ريتن رسمن، دنيا جي فلسفي، سياست سميت معاملن مسئلن کي سمجهڻ  ۾ سولائي پيدا ٿي پوندي، سنڌ جا ماڻهو علم جي ذريعي ئي پنهنجا ڦريل حق واپس وٺي سگهن ٿا ۽ موجودھ وقت ۾ سنڌ لاءِ تعليم تمام اھم ۽ ضروري آھي. تعليم ھڪ اھڙو ذريعو آھي جو اسان دنيا سان به ڳالهائي سگهنداسين. جيڪڏھن تعليم ئي نه ھوندي ته اھو سڀ ڪجهھ ناممڪن آھي، سنڌ جي ماڻهن لاءِ پنهنجن ئي شهرن ۾ ھر شعبي ۾ موجود نوڪرين تي ڌاريا ماڻهو رکيا ويا آھن انهن کي علم جي ذريعي ئي نيڪالي ممڪن آھي، سنڌ جي ڳوٺن واھڻ وستين ۾ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي ۾ جتي اڃان تائين انهن اٻوجھ ۽ مسڪين ماروئڙن کي علم جو احساس ئي ناھي انهن کي گڏجي علم جو احساس ڏيارڻو پوندو اِھو تڏھن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جهڙي طريقي سان سنڌ جي ثقافت لاءِ سمورا سنڌي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري متحد ۽ منظم ھوندا آھن اھڙي ئي نموني ھاڻي سنڌ واسين کي علم جي لاءِ به ائين ئي منظم ۽ متحد ٿي ڪري پاڻ پتوڙڻو پوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.