ثقافت جي ڏينهن ملهائڻ تي آمريڪا کي نه سنڌ يونيورسٽي کي اعتراض آهي!

زرار پيرزادو

¨ ثقافت جو ساليانو ڏينهن ملهائڻ، اسان سنڌي قوم لاءِ ڪنهن ريت به معمولي نه پر غير معمولي ڏڻ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ڏينهن ۾ سمايل قومي بقا واري شعور کان اسان سنڌين مان به وڏو پڙهيل لکيل حلقو اڻڄاڻ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي بدقسمتي کان گهٽ جي ڳالهه ناهي.

¨ سنڌ دشمن طاقتون جيڪڏهن ان ڏينهن کي رڳو گانن ۽ نچڻ جو ڏينهن سمجهن ته اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر خود سنڌ جو ساڃاهه وند به ان ڏينهن کي ائين ئي سمجهي ته اچرج جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

¨ هن ڏينهن جو پسمنظر اهو آهي ته آصف علي زرداري جڏهن ملڪ جي صدر طور سنڌي ٽوپي پائي ايوان صدر ۾ ويندو هو يا ملڪن جا دورا ڪندو هو ته سينيئر غير سنڌي صحافي شاهد مسعود ان تي اعتراض واريو هو ته ملڪ جو صدر سنڌي ٽوپي پائي هڪ صوبائي علامت ڇو ٿو بڻجي. جڏهن ته موصوف کي انگريزن جو لباس پهرڻ تي ڪو به اعتراض ناهي هوندو.

¨ شاهد مسعود جي ان موقف جي رد عمل ۾ سڄي سنڌ قومي احتجاج طور سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائي شاهد مسعود کي لاجواب ڪري ڇڏيندڙ جواب ڏنو هو.

¨ ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته اهو ثقافت جو ڏينهن سنڌي ٽوپي تي ڪيل اعتراضن خلاف هڪ سياسي ۽ قومي رد عمل آهي جنهن سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت کي عالمي پذيرائي ڏياري ڇڏي آهي.

¨ ۽ هاڻي اهو ڏينهن هر سال ڊسمبر جي پهرين هفتي جي آچر تي پابندي سان ملهائجڻ لڳو آهي. اهو ڏينهن سنڌين جي پنهنجي قومي عيد جو ڏڻ بڻجي ويو آهي، جنهن کي نه رڳو سنڌ ۾ پر ٻين صوبن ۽ دنيا جي ملڪن اندر ملهائڻ جي روايت پئجي وئي آهي.

¨ ان ڏينهن ملهائڻ سان سنڌي ثقافت کي ته نئين زندگي ملي وئي آهي پر سنڌين جي قومي وجود ۾ پڻ نئون ساهه پئجي ويو آهي. ۽ سنڌي ثقافت توڙي قومي جذبو تيزي سان نئين نسل ۾ رڪارڊ حد تائين منتقل ٿي ويو آهي.

¨ ثقافت جي ڏينهن کي هاڻي اسان سنڌي قوم جي وڏين ڪامرانين ۾ ڳڻيون ٿا، جئين چوٿين مارچ، پهرين جولاءِ ون يونٽ ٽٽڻ جي ڏينهن کي سمجهون ٿا.

¨ پر اها ڳالهه پوءِ به ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته سنڌي ثقافت جو ڏينهن هاڻي به سنڌ دشمن طاقتن جي اکين ۾ ڪنڊو آهي، انڪري اهي هر ممڪن ڪوشش ڪندا ته ان ثقافت جي ڏينهن کي ڪو سياسي رنگ ڏئي روڪڻ جي ڪوشش ڪجي جنهن جو مثال سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ملهايل ثقافت ڏهاڙي تي هڪڙن شرپسندن کان سياسي نعرا لڳرائي ٽي سئو شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

¨ اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي ته اختيارين کي جيڪي نعرا ناهن وڻندا تن جو ته ترت نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي پر جيڪي جائز ۽ بنيادي حقن لاءِ نعرا لڳايا ويندا آهن تن جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويندو، اهو ڪيئن ممڪن  آهي ته اوهان رڳو انهن نعرن جو نوٽيس وٺو جيڪي اوهان جي حڪمراني يا اوهان جي نظام جي خلاف هجن. پر جيڪڏهن نوٽيس وٺو ٿا ته پوءِ سڀني نعرن جو نوٽيس وٺو نه!

¨ اهو عمل اصل ۾ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ کان اڻ سڌي نموني روڪڻ آهي. جڏهن ته اصولي طور تي سنڌ يونيورسٽي جيڪا درسگاهه آهي تنهن کي ته سنڌ يونيورسٽي اندر ثقافت جو ڌار شعبو کولڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ثقافت بابت نئين نسل کي تعليم ڏني وڃي پر افسوس ته سنڌ يونيورسٽي ئي ثقافتي سرگرمي کي هميشا روڪڻ جو سبب بڻي آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي سنڌي ثقافت جو ڏينهن آمريڪا، انگلينڊ، سائوٿ آفريقا، جرمني وغيره جهڙن ملڪن ۾ ۽ انهن جي سفارتخانن ۾ به ملهايو پيو وڃي. پر ان تي جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته سنڌ جي سنڌ يونيورسٽي کي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.