سنڌ ۾ معذوري بابت قانون-اميد جو ڪرڻو

عابد لاشاري

 3 ڊسمبر دنيا ۾ معذورن جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي، جيڪو دنيا جي 15 سيڪڙو آبادي جي حقن جي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو موثر ذريعو آهي. ان ڏينهن تي عالمي معاهدي ۾ محفوظ ڪيل حقن جي حاصلات ۽ عمل لاءِ ٻول وچن جو ورجاءُ ڪيو ويندو آهي جيئن معذور معاشري ۾ برابري جي شراڪت حاصل ڪري سگھن. ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اختيارين جو ڌيان ڇڪائڻ پڻ هوندو آهي جيئن هو مليل اختيار موجب جائز حقن جي ترسيل ڪرائي سگھن.

پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ معذورن جا ڪيانگ اکر گڏ ٿيل ناهن تنهن هوندي به عالمي ادارن جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ جي 15 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن معذوري جو شڪار آهي. اها آبادي لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ ٿئي ٿي جيڪا ڪراچي جهڙي شهر جي برابر آبادي آهي جيڪا هڪ خاموش اڪثريتي آبادي ڪوٺي وڃي ٿي، جن جا حق صرف قانون جي قائدي ۾ قيد آهن پر عمل ڪرائڻ لاءِ ڪنهن پري زاد جو انتظار آهي.

معذوري جا ڪيترائي قسم آهن جن ۾ مکيه هي آهن، جسماني معذوري جنهن ۾ پوليو جا شڪار۽حادثي ۾ عضون جو زيان ٿيڻ شامل آهي. ٻڌڻ کان محرومي جنهن ۾ بلڪل نه ٻڌڻ، ٻوڙو هجڻ يا ٻڌڻ پر نه ڳالهائڻ شامل آهن. ڏسڻ کان محرومي جنهن ۾ نابينا هجڻ، ڌُنڌلوڏسڻ، هڪ اک جو ضائيع هجڻ شامل آهن. ذهني معذوري جنهن ۾ ڊاون سنڊروم، آٽئزم، ڊس ليگزيا شامل آهن. معذوري جو قسم ڪهڙو به هجي پر محرومي ساڳي هوندي آهي. ان سان گڏوگڏ معذورن ۾ خداداد صلاحيتون پڻ موجود هونديون آهن جيڪي معذوري هوندي ڪامياب ۽ مثالي زندگي گذارڻ ڏانهن گامزن ڪن ٿيون. جنهن ۾ کوڙ سارا نالا دنيا ۾ موجود آهن جن مثال قائم ڪيا زندگي جي هر موڙ تي ثابت قدم رهيا ۽ پنهنجي پاڻ کي مڃرايو ۽ سُرخرو ٿيا ثابت ڪيو ته معذوري ڪا مجبوري ناهي پر زندگي گذارڻ جو منفرد انداز آهي.

اسان جي معاشري جي معذور کي سمجھڻو پوندو جيئن معذورن جي هيڏي وڏي وڌندڙ آبادي کي موثر شموليت ڪرائي سگھجي انهن جي افرادِ قوت جو ڪارائتو استعمال ڪري سگھجي جيئن محتاج ڏيئڻ وارا ٿي پون، ٻي صورت ۾ وڌندڙ بي ڪارائتي آبادي جو ٻوجهھ هي معاشرو برداشت نه ڪري سگھندو. دنيا جي عالمي معاهدي موجب پاڪستان توڙي سنڌ ۾ معذورن جي حقن جو قانون موجود آهي. جنهن جي عمل ذريعي درپيش مسئلن کي آساني سان حل ڪري سگھجي ٿو. ٿوري سنجيدگي جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ ٻارن جي لازمي تعليم جو قانون موجود آهي جنهن موجب خصوصي اسڪولن ۾ خاص نصاب ۽ معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. شناختي ڪارڊ تي خاص نشان موجب صحت جي حوالي سان معذورن لاءِ مفت علاج جي سهولت هجڻ جو قانون موجود آهي، پر عمل جو فقدان آهي، سفري سهولت ۾ اڌ ڪرايو معاف آهي پر بس سروس ۾ عمل ناهي ٿيندو صرف ريل ۽ جهاز ۾ سهولت موجود آهي جيڪا غريبن جي پهچ کان پري آهي ڇاڪاڻ سنڌ ۾ ڏينهن جي وقت ريل جو وقت هوندو ئي ناهي جو سفر ڪجي ۽ جهاز جو اڌ ڪرايو ڀرڻ عام معذور جي وس جي ڳالهھ ناهي. نوڪري هر ماڻهو کي ملي اهو ممڪن ناهي پر سنڌ ۾ مقرر 5 سيڪڙو تي ترت عمل نه ٿيڻ پڻ عمل نه ٿيڻ جي برابر آهي.

سنڌ حڪومت نوڪرين جي معاملي ۾ تمام سنجيده آهي، ڪوٽا موجب نوڪريون مليون پڻ آهن پر معذورن جي آبادي گھڻي هجڻ ڪري اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ان جو ڪارڻ نوڪرين جي عمل ۾ سست روي کان سواءِ ڪجھه به ناهي، خالي جايون پڻ آهن پر ڀرتي جو عمل جونءِ وانگر هلي ٿو جنهن تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي شديد ضرورت آهي.

معاشري جي پُٺتي پيل طبقي خاص طورمعذورن جي سياسي ۽ چونڊ عمل ۾ مساوي شرڪت پڻ هڪ اڻپورو خواب آهي جنهن جي عمل سان ايوانن ۾ معذورن کي فيصلا سازي ۾ برابر جا شريڪ ڪري سگھجي ٿو. ان لاءِ مڪاني سطح تي يونين ڪائونسل کان وٺي ضلع ڪائونسل تائين نمائندگي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ هر صوبي مان هڪ نشست، هر صوبائي اسيمبلي ۾ هڪ هڪ نشست مختص ڪرڻ شامل آهي.ان سلسلي ۾ سياسي جماعتون پڻ ڪليدي ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون جيڪي پنهنجي تنظيم سازي ۾ عورتن جيان معذورن لاءِ پڻ خاص شعبا ۽ ونگ قائم ڪن جتي معذورن جي سياسي تربيت ٿي سگھي، جيئن ڪروڙن جي آبادي کي سياسي ميدان ۾ عملي طور شامل ڪري سگھجي. چونڊ سڌارن موجب ووٽ ڏيڻ دوران پولنگ اسٽيشن قابل رسائي ۽ قابل استعمال هجڻ ضروري آهي، عارضي ريمپ، هڪ عدد وهيل چيئر ۽ اشارن جي زبان جو ترجمان جو پڻ خاص بندوبست هجڻ ڪري حقيقي معنيٰ ۾ معذورن جي چونڊ عمل ۾ قابل رسائي شرڪت يقيني ٿي سگھي ٿي. چونڊ عمل ۾ پسمانده طبقي خاص طور معذورن لاءِ  نامزدگي ڪاغذن جي فيس ۾ گھٽتائي پڻ هجڻ گھرجي جيئن هو غربت ۽ معذوري باوجود عملي سياست ۾ حصو وٺي سگھن. معذوري جوسرٽيفيڪيٽ ۽ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو عمل ڏاڍو پيچيده آهي جنهن کي سولو ڪرڻ لاءِ ون ونڊو آپريشن جو هر ضلع سطح تي جوڳو بندوبست هجڻ گھرجي. جتي گھربل واسطيدار عملو موجود هجي هڪ ڏينهن ۾ معذوري سرٽيفيڪيٽ جاري ڪيو وڃي ۽ شناختي ڪارڊ جو عمل شروع ڪري ٽوڪن جاري ٿي سگھي. معاشري ۾ ٻين معذورين جي بحالي ڪنهن حد تائين ٿيندي نظر ايندي آهي جنهن ۾ هلي ڦري نه سگھڻ جي صورت ۾ مصنوئي عضوا لڳايا ويندا آهن يا مددي اوزار جنهن ۾ وهيل جيئر، بيساکيون، واڪرز ، ٻڌڻ جا آلا، ڏسڻ جا مددي اوزار مهيا ڪري سگھبا آهن پر ذهني معذوري جي بحالي هڪ وڏو چئلينج ۽ فقدان آهي. سڄي دنيا ۾ ذهني معذوري هڪ وڏو مسئلو آهي جيڪو حل ٿيڻ جوڳو آهي. هن معذوري جو وڌندڙ رجحان جو ڪارڻ معاشرتي لاعلمي، جاڳرتا جوعام نه هجڻ ۽ رائج بي تُڪيون رِيتون رسمون آهن.

ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ ذهني معذوري کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ٻار جي تُرت تشخيص ۽ علاج و بحالي ڪرڻ جو بندوبست نه هئڻ جي برابر هوندوآهي. جيترو جلد ٻار ترت تشخيص ٿيندو اوترو ئي جلد بحال ٿيڻ ممڪن هوندو. ٻهراڙي جي ڳوٺن جا ٻارڙا اهڙي سهولتن کان اڻ وانجهيل هوندا آهن. ذهني معذوري جي حامل ٻارڙن کي چريو يا درويش ڪوٺيو ويندو آهي. انهن جي ڳالهھ سمجهڻ بدران مذاق، ٺٺول ڪري سندن ٻُڌو ئي نه ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻار مايوسي ۽ چڙ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ايئن سندن حالت سُڌرڻ بدران بگڙجي ويندي آهي. اهڙن ٻارڙن کي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. خاص ڌيان لاءِ خاص مرڪز جي ضرورت پوندي آهي جنهن کي عام لفظن ۾ ذهني بحالي جو مرڪز ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙا مرڪز ڪراچي ۾ عام جام آهن پر سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اهڙا مرڪز قائم نه آهن ۽ ڪراچي شهر مختلفن ضلعن کان تمام گھڻوپري آهي. اتي پهچڻ، ترسڻ ۽ تسلسل سان علاج و بحالي جاري رکڻ تمام ڏکيوعمل آهي.

ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي ۽ ضرورت جي پُورائي لاءِ نواب شاھ جي معذورن جي سماجي تنظيم نيشنل ڊس ايبلٽي ائنڊ ڊوالپمينٽ فورم (اين ڊي ايف) جوڳا اُپاءُ وٺندي سنڌ حڪومت جي اداري ڪميونٽي ڊوالپمينٽ پروگرام (سي ڊي پي) ترقياتي ۽ رٿابندي کاتي جي سهڪار سان 2018 ۾ 100 ٻارڙن لاءِ اين ڊي ايف ذهني معذوري جو بحالي مرڪز نواب شاھ ۾ قائم ڪيو. هڪ سال جي پراجيڪٽ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ 2019 ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ساليانو خصوصي گرانٽ جاري ڪري معذورن جي ڀلائي ۽ خودمختياري جي کاتي ڊِي اِي پِي ڊِي سان ھميشه لاءِ شراڪت قائم ڪري ڇڏي. ان سان گڏوگڏ صادق علي ميمڻ وڏي وزير جي خاص معاون معذورن جي بحالي کاتو، لاڳاپيل کاتي جو موجوده صوبائي سيڪريٽري هادي بخش ڪلهوڙو جي سنجيدگي ۽ دلچسپي پڻ قابل ذڪر ۽ تعريف جوڳي آھي۔ جن اهڙن ادارن جي معاشرتي سطح تي پزيرائي کي عام ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کين اڳ معاشري ۾ ادارن جي پذيرائي نالي ماتر هئي. تنهن هوندي به ادارن جو مسلسل ڏکاين باوجود ڪم جاري رکڻ اداري جي سماجي ذميداري جو زندھ ثبوت آهي. معاشري جا مخير حضرات  ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جا ادارا پنهنجي پنهنجي سماجي ذميداري نڀائندي اين ڊي ايف جي مرڪز سان وقت بوقت  هٿ ونڊائيندا رهن ٿا. ڄاڻايل مرڪز ۾ ذهني معذوري جي تُرت تشخيص، تُرت علاج وبحالي جو جوڳو بندوبست موجود آهي. اين ڊي ايف جو مرڪز ذهني معذوري لاءِ گُهربل بحالي و علاج جون خدمتون و تربيتون مفت ۾ فراهم ڪيون وينديون آهن. اهڙو اين ڊي ايف جو مرڪز لاڙڪاڻي ۾ منظور ٿي ويو آهي جيڪو جلد کوليو ويندو جيئن ڏورانهن ضلعن جي ٻارن کي پڻ تربيت ۽ بحالي ۾ شامل ڪري سگھجي.

سنڌ ۾ موجود معذوري بابت قانون جامع آهي جيڪو اميد جي ڪِرن آهي، ضرورت ان امر جي آهي ته معذوري بابت منظور قانون کي عملي جامو پهرايو وڃي، جيئن معذورن کي معاشرتي قومي ڌارا ۾ برابري طور شريڪ ڪري قوم تي بار  بدران ڪارائتا شهري ۽ باعث فخر بڻائي سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.