لانڍيءَ ۾ ٻارڙيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڌرڻو

ملير (ڊ.ر) ملير جي علائقي قائدآباد ٿاڻي جي حد مسلم آباد ۾15 ڏينهن اڳ نينگري منيبه کي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول نينگري جي وارثن، علائقي واسين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن اسپتال چورنگي کان دائود چورنگي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾شريڪ ماڻهن قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي مقتول نينگريءَ جي والد صحافين آڏو دانهيندي چيو ته جاچ پوليس 68 ماڻهن جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا، جن مان هڪ ماڻهو جو به ٽيسٽ ميچ ناهي ٿيو، اسان کي خدشو آهي ته پوليس ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جاچ پوليس ڪيس ۾ تعاون نه پئي ڪري ۽ نه ئي اسان کي ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت ڪا ڄاڻ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جيستائين ڌيءُ جا قاتل گرفتار نه ٿا ٿين، تيستائين احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف دائود چورنگي تي ڌرڻي سبب قائدآباد کان لانڍي ويندڙ مک روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو، سوين گاڏيون ڦاٿل رهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.