نيب ۾ طلبي:ڇا ملڪ رياض هن ڀيري به بچي ويندو؟

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بحريا ٽائون جو مالڪ ملڪ رياض جا اسٽيبلشمينٽ سان پراڻا لاڳاپا آهن، هو آصف علي  زرداري جو ساڄو هٿ آهي، نوازشريف سان به واسطا اٿس، جڏهن ته عمران خان جي ويجهن دوستن جو دوست به آهي، پئسي جي پاور سبب هو سمورين حڪومتن جي اکين جو تارو بڻيل رهيو آهي.

نيب 19 ڪروڙ پائونڊ جي ڪيس ۾ کيس اڄ پهرين ڊسمبر تي طلب ڪيو آهي، اهي پئسا رياست پاڪستان کي ملڻا هئا،عمران خان جو احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر اهو معاملو وفاقي ڪابينا آڏو کڻي آيو ۽ منظوري وٺي اهي پئسا واپس ملڪ رياض کي ڏياري ڇڏيا، ان دوران القادر يونيورسٽي ٽرسٽ کي بحريا ٽائون پاران زمين ڏني وئي.

باخبر صحافي مطابق پي ڊي ايم حڪومت آئي ته ان کي عمران خان خلاف اهو مضبوط ڪيس ملي ويو، نيب ان سلسلي ۾ اڳوڻي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪيا هئا انهن ۾ فيصل واوڊا سميت ڪجهه پي ٽي آءِ اڳواڻن نيب وٽ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايا، اهي پئسا ملڪ رياض سپريم ڪورٽ پاران مڙهيل ڏنڊ  جي مد ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.

ان معاهدي ۾ بئريسٽر حافظ نعيم گواهه هو، ان کي پي ٽي آءِ ايم پي ٽو جو آفيسر بڻايو هو، هن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، هو پشاور ايئرپورٽ تان ٻاهرين ملڪ ڀڄي ويو، شهزاد اڪبر به اڳ ئي لنڊن پهچي چڪو آهي، ملڪ رياض به ڪيس جي سلسلي ۾ رابطا شروع ڪري ڇڏيا، هن جو چوڻ آهي ته توهان جو ئي ماڻهو 50 سيڪڙو پئسا وٺي اهو معاملو ختم ٿي ويندو.

حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو ڪيس ضرور هلندو، معاملو وفاقي ڪابينا ۾ اچڻو هو، ان دوران آصف زرداري ويٽو ڪري ڇڏيو ،جنهن تي حڪومت شڪر جو ڪلمو پڙهيو، جنهن بعد نيب به نوٽيس ورتو،  مريم نواز به ملڪ رياض کي ”ملڪ رياض انڪل“ سڏيندي آهي, برطانوي هاءِ ڪميشن جو به موقف آهي ته اهو پئسو ته حڪومت پاڪستان جو آهي، نيب اين سي اي سان به رابطو ڪيو آهي.

اطلاعن مطابق ان ڪيس ۾ علي رياض ملڪ نيب وٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي،اهو هڪ تمام وڏو ٽيسٽ ڪيس آهي، ملڪ رياض کي جيترو رليف ايف بي آر ڏنو ايترو ڪنهن به نه ڏنو، ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي،

نوٽ: اعزاز سيد/عمر چيما جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 22-12-01 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.