ڪنڌڪوٽ ۾ گرڊ اسٽيشن کي باهه، ايس ڊي او سوڌو 3 ڄڻا سڙي زخمي

ڪنڌڪوٽ ۾ گرڊ اسٽيشن کي باهه لڳڻ سبب ايس ڊي او سوڌو 3 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

گرڊ اسٽيشن کي ٽرالي جي صفائي دوران باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ڊي او حاڪم علي بهلڪاڻي، حبيب الرحمان نوناري ۽ ناظم الدين کوسو سڙي زخمي ٿي پيا.

امدادي ٽيمن فوري طور زخمين کي سول اسپتال پهچايو طبي امداد ڏياري، جتان هڪ جي حالت وڌيڪ خراب هجڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي نيو ويو.

ٻئي پاسي گرڊ اسٽيشن کي باهه لڳڻ واري واقعي کانپوءِ سموري شهر جي بجلي بند ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.