حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جو ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ احتجاج

حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سرامد راڄپر، عاطف ملاح، سنڌياڻي تحريڪ جي عمراهه سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪي به پاءَ ناهن ورتا، جڏهن ته متاثرن جي نقصانن بابت سروي لاءِ جوڙيل يو سي سطح جون ڪميٽيون بدنيتي تي ٻڌل آهن.

سندن چوڻ هو ته سروي لاءِ سٺي ساک رکندڙ ماڻهن بدران ڪرپٽ ادارن حوالي ڪيو ويو، جيڪا وڏيرن جي حصاپتي واري سروي بڻجي وئي آهي.

هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ، زخمين کي 30-30 لک ۽ بي گهر ٿيلن کي 50-50 لک رپيا ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.