عوامي آواز  پاران سنڌ واسين کي ”اچو ٻوڏ متاثرن جي سار لهون“ جو سڏ

ڪراچي (رپورٽر) عوامي آواز ميڊيا گروپ هن سال سنڌ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ، فصل ۽ مال متاع برباد ٿي وڃڻ ڪري هن سال ”  ثقافت ڏهاڙو“  انهن جي نانءُ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ” اچو ٻوڏ متاثرن جي سار لهو“ جي عنوان هيٺ ملهائي رهي آهي.

ڇو ته هن وقت حڪومت پاران  سندن مالي سهائتا نه ٿيڻ  ڪري روڊن رستن تي دربدر  آهن ۽ هاڻي سياري ۾ به ڌرتي ڌڻي  بنا اجهي معصوم ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. اڄ  انهن جي سهائتا جو وچن ورجائيندي عوامي آواز ميڊيا گروپ ٻوڏ متاثرن  جي بحالي لاءِ  سڄي سنڌ ۾ سيمينارن، ڪانفرنسن ذريعي ٻوڏ متاثرن جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.