دنيا جي مهانگي ترين فلم کي ڪمائڻ لاءِ به وڏا رڪارڊ ٽوڙڻا پوندا

هالي ووڊ ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون جي فلم اواتار 2 کي ڪامياب ٿيڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪرڻ واري ٽين يا چوٿين فلم ٿيڻو پوندو.

تازو هالي ووڊ ڊاريڪٽر جيمز ڪيمرون هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هن ڊزني جي عهديدارن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اهو فلمي تاريخ جو بدترين بزنس ڪيس آهي.

هالي ووڊ ڊائرڪٽر جيمز ڪيمرون کي ٽاءِ ٽينڪ ۽ اواتار جهڙين ڪامياب فلمن لاءِ سڃاتو ويندو آهي.

جڏهن ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون کان سوال ڪيو ويو ته ڪيترو بزنس ڪرڻ بعد اواتار 2 کان ناڻي جو نقصان نه ٿيندو جنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هن کي سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪرڻ واري ٽين يا چوٿين فلم هجڻ گهرجي، جنهن بعد اسان چئي سگهون ٿا ته ڪو به نقصان نه ٿيو آهي.

هن وقت تائين سڀ کان مهانگي فلم جو اعزاز پائريٽس آف ڪيئربين آن اسٽرينجر ٽائيڊز وٽ آهي جنهن جو بجٽ 42 ڪروڙ 20 لک ڊالرز هو.

واضح رهي ته فلم اواتار 2 سڄي دنيا ۾ 16 ڊسمبر تي ريليز ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.