وائرل ڊانس واري ڇوڪري کي رقص لاءِ گهرايو ويو، ساڳئي لباس ۾ پهتي !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميرا دل يي پڪاري آجا تي ڊانس ڪندڙ عائيشا عرف مانو جي وڊيو ايتري مقبول ٿي آهي جو وڏيون وڏيون فنڪارائون به سندس ڪوريو گرافي تي رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون آهن.

هاڻي عائيشا مانو ايتري مقبول ٿي وئي آهي جو کيس دعوتون ملڻ شروع ٿي ويون آهن.

عائيشا هڪ ٽڪ ٽاڪر آهي جنهن پنهنجي دوست جي شادي ۾ ڊانس ڪئي هئي جنهن جي وڊيو راتورات ائين مقبول ٿي وئي هئي جيئن بڙ کي باهه لڳندي آهي.

پاڪستان جي مقبول ميزبان ندا ياسر به کيس پنهنجي شو ۾ گهرائڻ تي مجبور ٿي وئي.

Viral Dil Ye Pukare Aaja Girl Dances On Nida Yasir Show

ندا ياسر عائشا جي مداحن جي زور ڀرڻ تي کيس گهرايو ۽ پروگرام ۾ عائشا مانو مختلف لاڏن تي جهمريون به هنيون.

هاڻي عائشا جا سوشل ميڊيا تي 3 لک فالوورز ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.