مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري، اڻويهه شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 19 شين جي اگهن ۾ واڌ جڏهن ته نوَ شين جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي.

رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران بصرن جي في ڪلو قيمت چار روپيا 48 پئسا، کنڊ  جي في ڪلو اگهه ۾ هڪ رُپيو ويهه پئسا سميت پٽاٽن، تازي کير، چانورن، ٿوم، گوشت جي اگهن ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

هڪ هفتي دوران آنن جي في ڊزن اگهه ۾ 21 رُپيا 50 پئسا واڌ ٿي جڏهن ته جيئري ڪڪڙ 11 رُپيا 60 پئسا مهانگي ٿي وئي آهي.

هفتي دوران ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن مهانگائي جي شرح ۾ 0.48 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن سالياني بنيادن تي هفتيوار مهانگائي جي شرح 30.16 سيڪڙو رهي آهي، ملڪ ۾ گذريل ڇهن هفتن کان مهانگائي جي شرح ۾ واڌ وارو لاڙو رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.