سياستدان غلط فهمي مان نڪرن، نئين آرمي چيف کي آئين سان وفادار رهڻ گهرجي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي اهم مقررين بابت سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ جنرل عاصم منيرملڪ جو 17هون  نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين بڻجي ويو.واضح رهي ته آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقرري جي سمري اڄ ايوان صدر کي وصول ٿي هئي، جنهن کانپوءِ صدر عارف علوي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد موٽي ويو هو.صدر آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي منظوري ڏني.صدر طرفان سمري منظور ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري جو اطلاق 27 نومبر 2022ع کان ٿيندو، وڌيڪ چيو ويو ته صدر مملڪت ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي فوري طور جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري ڪري ڇڏي آهي، ايوان صدر جي بيان ۾ چيو ويو ته جنرل عاصم منير جي چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري جو اطلاق 29 نومبر 2022ع کان ٿيندو، ان کانپوءِ نامزد آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ جنرل ساحر شمشاد وزيراعظم شهبازشريف سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي، وزيراعظم جنرل عاصم منير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ هن جي نئين ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته توهان جي پيشيواراڻي لياقت، ساک ۽ حب الوطني فخر جو سبب آهي، هن جنرل عاصم منير کي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي انهن ذميوارين ۾ رهنمائي ۽ مدد فرمائي، نامزد آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي آفيسرن کي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اميد آهي ته توهان جي سربراهي ۾ هٿياربند فوج قومي سلامتي کي درپيش چئلينجن سان احسن انداز ۾ منهن ڏيندي  ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي جن مڪمل ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي، ان کان اڳ نئين آرمي چيف ۽ نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي صدر عارف علوي سان به الڳ الڳ ملاقات ڪئي

اسلام آباد( م ڊ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف  چيو آهي ته سياستدان ان خوش فهمي مان نڪرن ته ڪو آرمي چيف ساڻن وفاداري ڪندو. ٽوئيٽ ۾ هن مشورو ڏيندي چيو ته آرمي چيف صرف پاڪستان جو وفادار هوندو آهي، ان کي آئين سان به سچو رهڻ گهرجي. هوڏانهن حامد مير جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف  پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ رابطن جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته صدر عارف علوي طرفان آرمي چيف جي مقرري جي سمري تي صحيح ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي. آرمي چيف جي مقرري جي سمري تي صحيح ڪرڻ تي خواجا آصف چيو ته صدر سياسي طور تي دانشمندي جو ثبوت ڏنو آهي، سمري تي صحيح سان ملڪ ۾ مونجهاري جي ڪيفيت جو خاتمو ٿيو. هن چيو ته صدر سان ڊار جو رابطو ٿيو هو، پي ٽي آءِ فيس سيونگ لاءِ چونڊن جي تاريخ چاهي ٿي.هن چيو ته سڀني ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. حامد مير انڪشاف ڪيو ته  صدر عارف علوي عمران خان سان ملڻ لاءِ  وزيراعظم جو جهاز استعمال ڪندي لاهور ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.