پهرين موڪليل سمري ۾ جنرل عاصم منير جو نالو شامل نه هو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي اسد طور ۽ ٻين ذريعن مطابق جڏهن ميڊيا تي اهي خبرون هليون ته پي ايم هائوس کي جي ايڇ ڪيو  مان سمري ملي وئي آهي ته اصل ۾ واقعي ۾ سمري آئي هئي جڏهن ته جي ايڇ ڪيو جي پهرين سمري ۾ جنرل عاصم منير جو نالو نه هو، جنهن تي حڪومت ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي هئي.پوءِ هنن ڄاڻي واڻي ان ڳالهه بابت خبر جاري نه ڪئي ته ڪهڙن جنرلن جا نالا سمري ۾ شامل آهن ڇو ته حڪومت کي خدشو هو ته جيڪڏهن اها خبر پکڙجي وئي ته ميڊيا تي گوڙ مچي ويندو ۽ عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سياست چمڪائن جو موقعو ملندو.

اهو ئي سبب آهي جنهن بعد اها خبر سامهون آئي ته وزيراعظم بچاءَ واري وزارت کي خط لکي سمري گهرائي آهي جڏهن ته ان جي اصل ڳالهه اها هئي ته وزيراعظم خط لکي جنرل عاصم منير جو نالو شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان کانپوءِ مسلم ليگ ن پنجاب جي اڳواڻ ملڪ احمد خان کي جي ايڇ ڪيو موڪليو ويو ۽ اتي اهو پيغام ڏنو ويو ته ڪنهن  به صورت حڪومت ان موقف تان پوئتي نه هٽندي، جيڪڏهن جي ايڇ ڪيو سمري نه موڪلي ته وزيراعظم پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي جنرل عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيندو جنهن سبب فوج کي شرمساري کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ نئون آرمي چيف به تڪراري بڻجي ويندو جنهن سان فوج کي نقصان پهچندو ۽ جنرل قمر جاويد باجوا ويندي ويندي تڪراري ڪم ۾ پنهنجو حصو وجهي ويندو.

بعد ۾ جي ايڇ ڪيو کي خطرناڪ صورتحال جو اندازو ٿي ويو ۽ هنن عمران خان ۽ عارف علوي کي به پيغام موڪليو ته سمري کي روڪڻو ناهي ۽ نه ئي ڪو تڪرار ڪرڻو آهي ڇو ته نواز شريف شهباز شريف کي ڄمي بيهڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ ڪنهن به صورت سوديبازي نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

صدر کي سمري سائن ڪرڻي هئي پر رڳو عارف علوي جو لاهور وڃڻ ۽ عمران خان سان ملڻ ۽ ان بعد سمري تي سائن ڪرڻ رڳو اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ هو ته جڏهن شهباز شريف نواز شريف سان مشاورت ڪري سگهي ٿو ته عارف علوي ڇو نٿو عمران خان سان مشاورت ڪري سگهي ۽ ٻي ڳالهه اها ته عاصم منير کي خير سگالي واري جذبي جو پيغام ڏيڻو هو ته مان چاهيان ها ته تڪرار ڪري سگهان پيو پر مان نه ڪيو.

عاصم منير جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته ان قوت عاصم منير ۽ عمران خان  جا لاڳاپا ان ڪري خراب ٿيا هئا جو هن وزيراعظم عمران خان جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو کيس ٽاسڪ  ڏنو ويو هو ته هو پنجاب ۾ مسلم ليگ کي ٽوڙي ڇڏي ٻيو ته عاصم منير کان اها به فرمائش ڪئي وئي هئي ته پيپزلپارٽي مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ جو هڪ پاور بلاڪ قومي اسيمبلي ۾ ٺاهي پر جنرل عاصم منير ان کان به انڪار ڪيو هو.

چيو پيو وڃي ته عاصم منير جي نالي سان عمران خان  کي اڳ ئي ڊيڄاريو ويو هو ۽ عاصم منير جي ڪري ئي عمران خان کي بليڪ ميل ڪيو پئي ويو ته جيڪڏهن هي جنرل اچي ويو ته ايندي ئي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي اهو ئي سبب هو جنهن ڪري عمران خان لانگ مارچ دوران اهو اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن باجوا کي ايڪسٽينشن ملي ٿو ته کيس ڪو اعتراض ناهي.اصل ۾ مبينا طور تي ڪجهه اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيتن جي سڄي گيم  هئي جڏهن ته نواز شريف جي ڄمي بيهڻ سان صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ ان بعد سمورين سياسي پارٽين به جمهوري قوتن جو ساٿ ڏنو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.