ڪوٽڙي ۾نينگر تي پوليس تشدد، ٻانهن ڀڄي پئي،3 اهلڪار معطل

ڪوٽڙي (رپورٽ:جبار ڪابورو) ڪوٽڙي سائيٽ  سڪندر آباد واسي 16 سالن جي بلال گجر کي ٽيلي گراف پوليس چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب نينگر جي ٻانهن پڻ ڀڄي پئي. متاثر نينگر جو چوڻ هو ته ٽيلي گراف پوسٽ انچارج ۽ پوليس اهلڪارن موبائل چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪري سڄي رات بدترين تشدد ڪيو. هن چيو ته بنا جواز گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو آهي، اعلي اختياريون نوٽيس وٺن.ٻئي طرف ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي معاملي جو نوٽيس وٺندي تشدد ۾ ملوث پوليس اھلڪارن اصغر لنڊ، قاسم ابڙو، ۽ عنايت خاصخيلي کي معطل ڪري ڊي ايس پي ايڊمن کي انڪوائري ڪرڻ جي هدايت ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.