اڏيرو لعل وليج لڳ هٿياربند ڳوٺاڻي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا

اڏيرو لعل وليج (ن ع آ ) موجب اڏيرو لعل اسٽيشن کان اڏيرو لعل وليج ويندڙ  بائو خان پٺاڻ واسي صدام حسين خاصخيلي کان اڏيرولعل روڊ  لڳ ھڪڙا چاڙي وٽ ون ٽو فاء تي ايندڙ ٻه نامعلوم ڦورن پسٽل جي زور تي سي ڊي موٽر سائيڪل ڦر ڪري آساني سان اڏيرو لعل طرف روانا ٿي ويا.  ياد رھي  ته ھي ھن مھيني ڦر جو ٽيون واقعو آھي.پوء به حد جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

  • باڊھه ۾ چوريءَ جون وارداتون وڌي ويون، ،شھري خوف ۾ مبتلا،  پوليس اگهور ننڊ ستل 

باڊھه (ن ع آ) باڊھه شھر جي ڦلپوٽو پاڙي ۾ واپاري علي مراد ڪلھوڙو جي اوطاق جا تالا چور ٽوڙي بيٺل ٻه موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا. واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آھي. جڏھن ته ٻي وارڌات ۾ حيدر چوڪ  ڀرسان اناج جي واپاري لياقت علي بروھي جي دڪان جي چورن ڇت پٽي پر دڪان مان چوري نه ٿي سگھي، جنهن کان پوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائڻ لاءِ کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي درگاهه جي رهواسي راحب ميراڻي جي گهر لڳا، گهر ۾ مرد موجود نه هجڻ ڪري پوليس بنا ڪنهن گرفتاري جي واپس موٽي آئي. واضع رھي ته ٽي ڏينھن اڳ اڻڄاتل چور باڊھه شھر ۾ شاھنواز ڀٽيءَ جي نوٽن جي دڪان مان ڏيڍ لک رپين جي ماليت جا نوٽن جا ھار چوري ڪري ويا ھئا. ھوڏانھن باڊھه شھر ۾ چورين جي وڌندڙ واقعن جي ڪري شھري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.