نواب شاهه ۾ملازمن کي پگهارون نه مليون، احتجاج، ملازم پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

نوابشاهه( ڊ ر ) بلديا نوابشاهه ۽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي نااھلي ۽ لاپرواهي جي ڪري ڪچن ملازمن جون پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاج، ھڪ ملازم پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش، ان سلسلي ۾ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي ڪچن ملازمن پاران آصف ڀٽي، منظور جمالي، راشد عباسي، وسيم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھڪ ملازم اڪبر سولنگي پاڻ تي پيٽرول ھاري باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود ماڻھن کيس بچائي ورتو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ 51 ڪچا ملازم آھيون گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪري رھيا آھيون، جڏهن ته اسان جون بلديه نواب شاهه ڏانھن گذريل 24 مھينن جون پگھارون رھيل آھن جيڪي اسان کي اڃان تائين نه ملي سگهيون آھن، ھنن چيو ته اسان 18 مھينا بلديه نواب شاهه ۾ ۽ 6 مھينا پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪيو آھي جڏھن ته نه اسان کي بلديه نواب شاهه ۽ نه ئي وري پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي پگھار ملي آھي، ھنن چيو تازين برساتن سبب اسان جا گھر مڪمل طور تي تباھه ٿي چڪا آھن جڏھن ته ھن وقت اسان انتھائي ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذاري رهيا آهيون ليڪن اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جون پگھارون جاري ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.