نصير آباد ۾ روڊ حادثي دوران زخمي ٿيل پينو نينگري فوت

نصيرآباد (رن ع آ ) نصير آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ روڊ حادثي دوران زخمي ٿيل نينگري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. قاضي پيٽرول پمپ ڀرسان گداگري ڪندڙ 7  ورهن جِي معصوم نينگري منڊم ڌي الطاف شيخ ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي هئي، وارث کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو هو. جڏھن ته ڪار سوار موقعي تان فرار ٿي ويو هو، اڄ صبح نينگري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نينگري جو مڙهه تدفين لاءِ اباڻي ڳوٺ مورو نيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.