ڪنڌڪوٽ پوليس شاگرد کي کنڀي کڻي وئي، احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌ ڪوٽ ۾ پوليس گردي خلاف رٽائر فوجي پيءَ سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پيرسن غلام  علي ڏاھاڻي ۽ ريٽائر فوجي غلام سرور ڏاھاڻي داهيندي چيو ته غوثپور ۾ پوليس گردي وڌي ويئي آهي، پوليس انٽر جي شاگرد نور احمد ڏاھاڻي کي موٽرسائيڪل تلاشي بهاني روڪي زبردستي کنڀي وئي. ٿاڻي تي کڻي وياسين ته پوليس نوجوان جي آزادي عيوض رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ هاف فرائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، غريب ماڻهو بنا جواز شاگرد ي گرفتار ڪيو ويو، سندس آزاديءَ لاءِ ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آيون. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس کان پڇاڻو ڪري شاگرد کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.