اوٻاوڙو: ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جو آپريشن، ٻه ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙي ويجهو پوليس آپريشن ڪندي ٻن ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي تنوير احمد تنيو جي هدايتن تي گهوٽڪي پوليس راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو.

آپريشن دوران بدنام ڌاڙيل راحب شر جا ٻه ساٿي ڌاڙيل حاڪو شر ۽ اغو شر مارجي ويا آهن

ان حوالي سان ايس ايس پي تنوير احمد تنيو چيو ته مارجي ويل ٻئي ڌاڙيل ڇهه ڊسمبر تي ڊي ايس پي عبدالمالڪ  ۽ ايس ايڇ او سميت پنج اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث هئا

هن چيو ته ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي، شهيدن جي خون سان انصاف ڪرڻ کانپوءِ ئي سُک جو ساهه کڻنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.