ماهر چور سخت پهري باوجود 9 منٽن ۾ ڪروڙين رپين جا سڪا چوري ڪري ويا، انوکي اٽڪل

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي هڪ ميوزيم مان چور 1.6 ملين يورو جا تاريخي سون جا سڪا چوري ڪري ويا آهن.

پوليس چيو ته رات جي وقت نو منٽن اندر بويريا ۾ واقع ميوزيم مان سوين سڪا چوري ڪيا ويا.

ٿي سگهي ٿو ته چور پهريان ميوزيم جي الارم سسٽم کي ٽوڙيو هجي ۽ پوءِ اندر داخل ٿيا هجن.

ميوزيم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ علائقي ۾ انٽرنيٽ جون تارون پڻ ڪٽيون ويون هيون، جنهن سبب علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي هئي.

پوليس جاچ ڪري رهي آهي ته ڇا چوري جو ڪنهن اڳ پيش آيل واقعي سان تعلق ته ناهي.

چورن پاران سسٽم جي ناڪامي سبب دروازي کي ٽوڙڻ باوجود الارم نه وڳو پر چوري جو اهو واقعو رڪارڊ ضرور ٿيو آهي.

ٻئي ڏينهن صبح جو، ملازمن کي ميوزيم جي فرش تي شيشي جا ٽڪرا مليا جڏهن ته شو ڪيس ۾ پيل سڪا غائب هئا.

اسٽيٽ آرڪيالاجيڪل ڪليڪشن جي سربراهه روپرٽ گبرڊٽ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو: ’اهو هڪ پراڻي دوست کي وڃائڻ جهڙو آهي.‘

هڪ ٻئي ڊسپلي ڪيس مان ٽي وڏا سڪا چوري ڪيا ويا آهن.

آفيسرن کي شڪ آهي ته چوري ۾ هڪ منظم گروهه ملوث آهي ۽ پوليس ماضي جي واقعن سان ڪنهن به ممڪن لاڳاپي جي جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.