هم جنس پرستي ۽ منشيات سبب ايڊز جي مريضن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ: اسلام آباد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز ڦهلجڻ جي سطح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي.

صحت جي وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ پنج سئو اڻويهه ايڇ آءِ وي پازيٽو ڪيس جنوري کان آڪٽوبر تائين سامهون آيا آهن. نئين ڪيسن ۾ گهڻي قدر نوجوان مرد هم جنس پرست ۽ کدڙا فقير آهن.

وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ڪجهه سالن کان وٺي نوجوان هم جنس پرستن ۾ ايڇ آءِ وي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. وڌندڙ مريضن جي ڪري پولي ڪلينڪ اسلام آباد ۾ نئون ايڇ آءِ وي سينٽر ٺاهي رهيا آهيون.

پمز ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر جي انچارج جو چوڻ آهي ته پنجيتاليهه سئو کان مٿي ايڇ آءِ وي پازيٽو مريض رجسٽرڊ ٿيا آهن.

ڊاڪٽر نائلا بشير جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ڏينهن کان وٺي هم جنس پرست مردن جو ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿيڻ سامهون آيو آهي، مرد هم جنس پرستن ۾ منشيات جي ڪري ايڇ آءِ وي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي.

نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام موجب اسان وٽ هن سال اسلام آباد ۾ ايڇ آءِ وي جا چار سئو ڇهانوي ڪيس رجسٽر آهن. نوجوان ماڻهو ٽيسٽ پاڻ ڪرائي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مريضن جي سطح ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو چوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.