ايلون مسڪ ٽوئيٽر واهپيدارن کان اهم سوال پڇي ورتو

ناليواري آمريڪي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ ٽوئيٽر واهپيدارن کان هڪ اهم سوال ڪيو آهي.

ايلون مسڪ مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گذريل ڏينهن معطل ڪيل اڪائونٽن جي ٻيهر بحالي بابت واهپيدارن کان راءِ پڇي.

هن سوال ڪيو ته ڇا ٽوئيٽر کي معطل ڪيل اڪائونٽن لاءِ عام معافي جي آڇ ڪرڻ گهرجي. ان شرط تي ته انهن ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هجي يا ڪنهن وڏي ڌوڪي ۾ ملوث نه هجن ته.؟

ايلون مسڪ طرفان شيئر ڪيل ان پول تي ڇويهه لک کان مٿي ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري چڪا آهن.

هن پول جي پڄاڻي ۾ اڃا يارنهن ڪلاڪ آهن ۽ ايستائين سڀ ٽوئيٽر واهپيدار پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.