پاڪستان ۾ مهانگين گاڏين تي گهمندڙ آمريڪي ناريون ڀارت ۾ رڪشو هلائڻ لڳيون

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) رڪشا چاهي غريبن جي سواري هجي پر آمريڪي سفارتي مشن جو حصو 4 عورتون رڪشا هلائي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته امير غريب کان هٽي ڪري، پسند پنهنجي پنهنجي هوندي آهي.

ڀارتي گاديءَ واري هنڌ نيو دهلي ۾ تازو پاڪستان مان ويندڙ آمريڪي سفارتي مشن جو حصو رهڻ واري سفير ۽ ٻين ٽن پنهنجي گاڏين کي الوداع ڪري ”رڪشا“ خريد ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب پاڪسان مان ڀارت ۾ مقرر ٿيندڙ عورت سفير اين ايل ميسن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مقرري دوران وڏين ۽ ذاتي سفر ڪندي روڊن تي هلندڙ رڪشا ڏسنديون هيون ته دل چوندي هئي ته ان ۾ سفر ڪن.

عورت سفير ڀارت پهچندي ئي پنهنجي خواهش پوري ڪري ڇڏي.

ان خواهش کي پورو ڪرڻ ۾ اين ايل ميسن جو ساٿ ڏيڻ وارين 3 عورتن سفير به پنهنجا پنهنجا رڪشا خريد ڪيا ۽ ان ۾ پسند موجب تبديليون ڪيون.

برطانوي خابرو اداري موجب ٽوئيٽر تي وڊيو شيئر ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن تي ڀارتين دلچسپ تبصرا ڪيا آهن.

هڪ پاسي ٽوئيٽر تي واهپيدار رڪشا کي ”ٽڪ ٽڪ“ سڏڻ تي تنقيد ڪئي ٻئي پاسي ڀارتي صحافين ان کي پروپيگنڊا قرار ڏنو آهي.

هڪ واهپيدار پرڪاش گاڌوي آمريڪي عورتن جا ٿورا مڃيندي لکيو ته اسان عام ماڻهن جي سواري کي دنيا ۾ مشهور ڪرڻ لاءِ ٿورائتا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.