عمران خان جي هيلي ڪاپٽر جي پريڊ گرائونڊ ۾ لينڊنگ تي اعتراض ناهي: جي ايڇ ڪيو

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو هيلي ڪاپٽر پريڊ گرائونڊ ۾ لينڊ ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي.

جي ايڇ ڪيو چيو آهي ته پريڊ گرائونڊ اسلام آباد انتظاميا جي حدن ۾ آهي، ان کان اجازت گهري وڃي، جي ايڇ ڪيو کي پريڊ گرائونڊ ۾ عمران خان جو هيلي ڪاپٽر لينڊ ٿيڻ تي ڪو اعتراض ناهي.

جي ايڇ ڪيو طرفان خط ذريعي تحريڪ انصاف کي باضابطا طور آگاهه ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ علي نواز اعواڻ جو چوڻ آهي ته جي ايڇ ڪيو جي اين او سي کانپوءِ هيلي ڪاپٽر جي اچڻ ۽ روانگي ۾ رنڊڪ جو ڪو جواز ناهي، وفاقي حڪومت بهانا نه ڪري ۽ پريڊ گرائونڊ ۾ هيلي ڪاپٽر جي لينڊنگ جي اجازت ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.