جنرل باجوا جو خطاب عمراني سياست جي تڏا ويڙهه هو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو خطاب عمران پراجيڪٽ جي تڏا ويڙهه ڪرڻ   لاءِ هو، جنهن ۾ هائبرڊ نظام جي ناڪامي جو اعتراف به هو ۽ عمران خان کي لڳايل الزامن جو جواب به هو ۽ پيغام به هو ته ” نو مور“ .

عمران خان جي آمريڪي سازش واري بيان کي به ڪوڙو ۽ من گهڙت قرار ڏنو، مطلب ته هاڻي عمران خان وٽ سياست جو ڪوبه جواز باقي  نه رهيو آهي، نه ئي هاڻي پي ٽي آءِ  متحد رهي سگهندي.

باقي جنرل قمر جاويد باجوا  خطاب ۾ بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ جي ذميواري سياستدانن تي مڙهي تاريخي حقيقت کي پٺي ڏني آهي جيڪا مناسب ڳالهه نه هئي ، ٿيڻ ته  ايئن گهرجي ته هاڻي حمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ شايع ٿيڻ گهرجي جيئن نوجوان نسل ملڪ ٽٽڻ جي حقيقتن کان واقف ٿي سگهي.

نوٽ:عاصمه شيرازيءَ جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 22-11-24 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.