ڪمند جو امدادي اگهه 302 رپيا في مڻ مقرر،آبادگارن حڪومتي فيصلو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽرز) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪمند جو امدادي اگهه 302 رپيا في مڻ  مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.زراعت بابت وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جو امدادي اگهه 302 رُپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيندو.هن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شگر ملز هلي رهيون آهن، سنڌ سرڪار پنجاب کان وڌيڪ ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو آهي. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته آبادگارن ۽ هارين کي ٻڄ لاءِ في ايڪڙ تي پنج هزار رُپيا ڏيڻ وارو طريقيڪار پڻ جاري ڪيو ويو آهي ۽ تپي سطح تي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن.ٻئي پاسي سنڌ آبادگار بورڊ 302 رپيا اگھه مقرر ڪرڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمود نواز جو چوڻ هو ته سرڪار 302 رپيا اگهه مقرر ڪري زيادتي ڪئي، اسان 321 رپيا اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، سنڌ حڪومت 321 رپيا في مڻ اگهه مقرر ڪري جڏهن ته  سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل، حڪومت پاران ڪمند جو اگهه 302 رپيا مقرر ڪرڻ کي رد ڪندي اگهه 350 رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ايس اي آر سي جو چوڻ آهي ته  سنڌ حڪومت جي دير جي ڪري شگر مل جي گيٽ تي ڪمند جي قيمت 302 رپيا خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو آبادگارن جي احتجاج ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ توڙي پنجاب حڪومت پاران مل جي گيٽ تي ڪمند جي خريد 300 روپيا مقرر ڪرڻ بعد سامهون آيو آهي. ايس اي آر سي سنڌ جي صدر علي پلهه، جنرل سيڪريٽري ولي ٿيٻو، ذوالفقار وساڻ، ميان شاهد، ڊاڪٽر شڪيل، ايم مري، راجا حيدر ٿيٻو، فدا چوهاڻ ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آبادگار سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو في مڻ اگهه 302 رپيا ڪرڻ مان مطمئن نه آهن،جيڪڏهن اسان 2022 ۽ 2023 جي سنڌ ۽ پنجاب جي ڪمند جي قيمتن جو مقابلو ڪريون ته پنجاب حڪومت ڪمند جي اگهه ۾ 75 رپيا في مڻ واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ رڳو 52 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ جي آبادگارن سان ناانصافي آهي، ٻوڏ جي ڪري سنڌ جي زراعت ۽ ڪمند جو فصل تباهه ٿي ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت آبادگارن جي ڪا به مدد نه ڪئي آهي، جڏهن ته آبادگارن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. آيل ٻوڏ سبب ڪمند جي في ايڪڙ پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي، ان کان علاوه وڌندڙ مهانگائي سبب سنڌ جي ننڍن آبادگارن جي معاشي حالت تي خراب اثر پوندو، آبادگارن زمين ۾ ٻوڏ جو پاڻي هجڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي به ناهي ڪئي، ان کان علاوه اڪثر شگر ملن اڃا تائين ڪريشنگ شروع نه ڪئي آهي، بدين ۾ رڳو انصاري شگر مل ڪريشنگ شروع ڪئي آهي پر رپورٽ موجب هن وقت تائين 250 رپيا في 40 ڪلو ڪمند خريد ڪيو پيو وڃي، کوسڪي، آرمي ۽ باواني شگر ملون چالو نه ٿيون آهن ۽ ذريعن موجب پهرين ڊسمبر 2023ع کان شروع ٿينديون جيڪا سنڌ حڪومت جي قانون ۽ هدايتن جي ڀڃڪڙي آهي، خيرپور ۽ راڻي پور ۾ اڃا تائين شگر ملون چالو نه ٿيون آهن. ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ميرواهه گورچاڻي ۽ ڊگهڙي شگر ملن ڪريشنگ شروع نه ڪئي آهي، ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ رڳو چمبڙ شگر مل پنهنجي چمني ٻاري آهي، پر مهراڻ شگر مل ۽ ٽنڊوالهيار شگر مل اڃا تائين ڪو به اعلان نه ڪيو آهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي جي آبادگار شگر مل، سيري ۽ جھوڪ شگر مل ۾ اڃا تائين ڪريشنگ شروع نه ٿي سگهي آهي. سانگهڙ ضلعي جون  شگر ملون اڃا چلو نه ٿيون آهن، پر هنن ڪريشنگ 25 نومبر  کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گهوٽڪي ۾ الائنس شگر مل، علي ترين شگر مل، غلام محمد شگر مل، ڏهرڪي شگر مل، جي ڊي ڊبليو شگر ملن ۾ اڃا تائين ڪرشنگ شروع نه ٿي آهي، ڪجهه شگر ملن هارين کي انڊنٽ ڏئي ڇڏيا آهن، ٽرڪون وصول ڪيون آهن، پر اهي اڃا تائين شگر ملن جي دروازي تي بيٺل آهن ۽ ملون ٻيهر بند ڪيون ويون آهن. ڪڻڪ جي ننڍن آبادگارن کي ضلعي انتظاميا پاران ڪڻڪ جي پوک لاءِ زمين مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مناسب سهڪار نه ملي سگهيو آهي، شگر ملون دير سان چالو ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿيندي، جنهن سان مستقبل ۾ سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿيندو. سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن ۽ هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر اسان ان امداد سان گڏ ٻن سنگين مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ چاهيون ٿا ته جڏهن آدمشماري ۾ انگ اکر ۽ رڪارڊ موجود ناهي ته متاثرن کي ڪيئن امداد ملي سگهندي، ٻي ڳالهه اها آهي ته وارث جو نالو زمين جي خسره فارم ۾ شامل ناهي ڪيو ويندو، امداد حاصل ڪرڻ لاءِ شرط آهي ته هاري يا آبادگار هڪ ڪميٽي کان تصديق ڪرائڻي پوندي، جنهن ۾ تپيدار، يونين ڪائونسل ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر تي هوندي، اسان کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي ته ان سان سنڌ حڪومت جي امداد تي سياست ٿيندي، خاص طور تي جيئن مڪاني چونڊون جنوري 2023 ۾ ٿيڻيون آهن. هنن چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته آبادگارن ۽ هارين جي نمائندن کي انهن ڪميٽن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هي رليف ۽ امداد سڀني هارين تائين پهچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.