اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻڍڙي عورت آپگهات ڪري ڇڏيو

اسلام ڪوٽ(ت ر)اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ڦاهڙيو ڀيل ۾ 90 ورهين جي جهور پوڙهي عورت اتيان زال پنهون ڀيل جو گهر جي چونئري ۾َڦاهو کاڌل ٽنگيل لاش مليو،اطلاع تي  جهانگرو  پوليس پهچي  ٽنگيل لاش لاهي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاء  اسلام ڪوٽ اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو،انهي سلسلي فوتي عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته پيرسن عورت مسلسل بيمار رهندي هئي هن بيماري کان تنگ ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي،ٻي پاسي 90 ورهين جي پيرسن  بستري داخل ٿيل جهور ٻڍڙي عورت جو ڦاهو کائڻ واري ماملي تي ڳوٺاڻن جا مختلف چوٻول هلي رهيا هئا هوڏانهن جهانگرو پوليس جو چوڻ هو ته فوتي عورت جو  لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي وڌيڪ  واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.