ميرپورماٿيلي جي سياسي سماجي ڌرين جو صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

اشرف شاهه، مشتاق شاهي، عظيم سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته اي سي ميرپورماٿيلو عدالتي حڪم باوجود شهر مان حد دخليون ختم نه پيو ڪرائي، جڏهن ته پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين جي ڪوريج ڪرڻ تان صحافين کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي هراسان پيو ڪري.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته اي سي ميرپور ماٿيلو احمر شهر جا مسئلا حل ڪرڻ بدران ڀوتارن جي ونگار پيو وهي، کيس فوري طور هٽائي صحافين تي داخل ڪوڙا ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.