شاهه رخ جتوئي ڪالهه ئي آزاد ٿي ٻئي ملڪ هليو ويو هو

 

ملير (ويب ڊيسڪ) شاهزيب قتل ڪيس ۾ قيد شاهه رخ جتوئي جي آزاديءَ جون خبرون ميڊيا تي اڄ سامهون آيون آهن پر هو ڪالهه اڱاري تي ئي آزاد ٿي ويو هو ۽ سندس آزاديءَ کي ڳجهو رکيو ويو هو.

سيڪيورٽي ٿريٽ سبب شاهه رخ جتوئي کي خاموشي سان آزاد ڪيو ويو، جنهن بابت ڪنهن کي علم نه هو، ڪالهه ئي عوامي آواز پنهنجي ذريعن وٽان تصديق کانپوءِ اها خبر اخبار ۾ ڇاپي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل کان ئي شاهه رخ جتوئي هڪ گاڏي ۾ سوار ٿي ويو، شاهه رخ رات پنهنجي گهر سڪون سان گذاري، ٿي سگهي ٿو ته هو هن وقت پاڪستان مان نڪري ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويو هجي.

واضح رهي ته ڏهه سال اڳ نوجوان شاهه زيب کي مزاحمت تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، مقتول جي والدين پاران ديت عيوض جوابدارن کي معاف ڪيو ويو هو پر سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس هلايو، جنهن ۾  شاهه رخ جتوئي ۽ سندس ساٿين کي موت جي سزا ڏني وئي.

شاهه رخ جي وارثن سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 18 آڪٽوبر تي جوابدارن جي درخواست تي ٻڌڻي بعد دهشتگردي ٽوڙ قانون کي ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت تفصيلي فيصلو جاري ڪندي شاهزيب قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.