کنڀي گم ڪيلن جي وارثن جي ريلي،سيد جي مزار تي حاضري

مانجهند/سن:سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 29 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل  نوجوانن جي وارثن عورتن ٻارڙن سميت سن انڊس هاءِ کان وڏي پيادل ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي کنڀي گم ڪيل پيارن کي آزادي ڪرڻ جي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قوم جي هر سياسي معاشي سماجي استحصال ۽ جاگرافي قبضي خلاف آواز اٿارڻ تي ڪارڪنن کي کنڀي ٽارچر سيلن ۾ بند ڪيو وڃي سمورن ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.