دودو ديشي پاران ڪارڪنن سان گڏ سيد جي مزار تي حاضري

سن/مانجهند: سائين جي ايم سيد جي 29 ھين ورسي جي موقعي تي جيئي سنڌ قومپرست پارٽي اڳواڻ  دودوديشي قومي ڪارڪن سان گڏ سن پھچي سيد جي مزار تي گل چادر چاڙهي دعا گهري ان موقعي تي دودوديشي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي  آجپي ۽ خوشحالي  لاءِ ڪيل جدوجھد جي ڏوھ ۾ پنهنجي زندگيء جو وڏو عرصي قيد ۾ گذاريو، سندس جي ڪيل جدوجهد تي سائين جي ايم سيد کي اڄ خراج تحسين پيش ڪندي اھو وچن ڪيون ٿا ته سيد جي ڏسيل عدم تشدد واري واٽ تي ھلندي سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِساھ جي آخري گهڻري تائين اسان جي جدوجهد جاري رکنداسين، ان موقعي تي شيبر جمالي،سارنگ سومرو ۽ آصف سولنگي مرتضي ڀٽي پڻ ديشي سان گڏ ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.