هٿيار اسمگلنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي قائم، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي هٿيار اسمگلنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. نوٽيفيڪشن مطابق ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي سربراھي هيٺ جي آءِ ٽي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ايس ايس پي حيدر آباد امجد شيخ، ايس ايس پي قمبر ايٽ شھداد ڪوٽ محمد ڪليم ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه شامل هوندا. ياد رھي ته  19 اپريل تي مولاداد پوليس هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيو هو، بلوچستان کان سنڌ ويندڙ ڊبل ڪيبن گاڏي ۽ پوليس موبائل تي ڇاپو هڻندي جيڪب آباد مان 4 بين الصوبائي هٿيارن جي اسمگلر ۽ 3 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.