پيٽرول ڪيترو سستو ٿيندو؟ وڏي خوشخبري اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جي حوالي سان وڏي خبر اچي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول 1.86 ڊالر سستو ٿي 107.16 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته ڊيزل جو اگهه 4.30 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 104.76 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ به پيٽرول جي قيمت 4.50 رپين کان 5 رپين تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا في ليٽر تائين سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت 30 اپريل تي پيٽروليم شين جي اگهن تي نظرثاني ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.