اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪجهه معاملن تي اختلاف راءِ،هڪ ٻي ” وڏي استعيفيٰ“ اچڻ واري؟

لاهور(معظم فخر) هڪ وڏي استعيفيٰ اچڻ واري؟ تازن ڏينهن ۾ ڪور ڪمانڊر منگلا ايمن صفدر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، اسٽيبلشمينٽ اندر ڪجهه معاملن تي اختلافن جون خبرون هلي رهيون آهن، اسلام آباد جي باخبر حلقن ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ”قومي مفاد“ ۾ هڪ وڌيڪ وڏي استعيفيٰ اچڻ واري آهي، ناليواري ڪالم نگار سهيل وڙائچ به پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته شينهن جو اڄ ڪلهه جو بادشاهه بلڪل مختلف آهي،عام جانورن سان نٿو ملي، پنهنجو چهرو وڌيڪ ڏيکارڻ جو قائل ناهي، قول کان وڌيڪ عمل تي يقين رکي ٿو، هو چاهي ٿو ته عام جانورن جي چونڊيل حڪومت ئي معاملا هلائي،”خاڪي بادشاهه “ جا ٻئي مشير وڏي ڪم جا آهن ٻئي هن جي هر حڪم تي عملدرآمد ڪندا آهن پر ٻنهي جا مسئلا مختلف آهن ان ڪري اڄڪلهه ٻنهي ۾ شديد ڇڪتاڻ جاري آهي، بادشاهه کي ان ڇڪتاڻ جي ڪري سخت نقصان پهچي رهيو آهي، بادشاهه جي عملداري ۾ وزير ۽ ڪامورا  ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، گورنرن جي مقرري التوا ۾ پيل آهي، پي ٽي آءِ باني سان معاملي جو فيصلو باقي آهي، سياست ۽ گورننس رڪيل آهي، بادشاهه جي مشيرن لومڙ ۽  ڦاڙهي ۾ ڇڪتاڻ سبب ايندڙ ٻن مهينن ۾ ٻنهي مان ڪو هڪ رهندو،اڳوڻو بادشاهه جنرل قمر جاويد باجوا هو، جڏهن ته ڪالم ۾ جن مشيرن جو حوالو ڏنو ويو آهي اهي آءِ ايس آءِ سربراهه نديم انجم ۽ ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير آهن،حڪومت کي فري هينڊ ڏيڻ جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلاف موجود آهن،وفاقي ڪابينا ۾ اهم وزارتن تي اسٽيبلشمينٽ جو ڪنٽرول آهي،وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب، واپار وارو وزير ڄام ڪمال ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسٽيبلشمينٽ جي گهڻو ويجهو تصور ڪيا وڃن ٿا، ڪابينا ۾ ٻيا وزير به طاقتور حلقن جي ويجهو آهن، ٽيلن نيوز جي ٽاڪ شو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ سائره بانو چيو ته هڪ وڏي استعيفيٰ اچي چڪي آهي ۽ اڃا به هڪ وڏي استعيفيٰ اچڻ واري آهي، ان کانپوءِ توهان ايڪسٽينشن کي وساري ڇڏيو، هاڻي ڪنهن کي به ملازمت مدي ۾ واڌ نه ملندي،هاڻي جيڪا استعيفيٰ اچڻ واري آهي ان ۾” ملڪ جي وسيع تر مفاد ۽  گهريلو مصروفيتن“ جو جواز ڄاڻايو ويندو،هن جو چوڻ هو ته ان استعيفيٰ کانپوءِ سياسي ميدان ۾ به تبديليون اينديون ۽ جيڪي هن وقت اين آر او جي ڳالهه پيا ڪن اهي اين آر او گهرندي نظر ايندا،طاقتور حلقن جي پاليسي ۾ واضح تبديلي نظر ايندي،ذريعن موجب عمران خان سان موجوده سيٽ اپ کي جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ جي شرط سان ڊيل لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون ۽ اسٽيبلشيمينٽ اهو چاهي ٿي ته موجوده سيٽ اپ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال جاري رهي ته جيئن معيشت ۾ بهتري اچي، عمران خان اسٽيبلشمينٽ پاران ٻن سالن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي،عمران خان جو زور آهي ته تازين چونڊن جي نتيجن تي ئي نظرثاني ڪئي وڃي،هو قومي اسيمبلي ۾ 180 سيٽن تي واپسي چاهي ٿو، عمران خان سان ان سلسلي ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون جنهن بعد عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير تي پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي کي مارائڻ جي سازش جو الزام مڙهي ڇڏيو، جنهن بعد ڊيڊلاڪ جي پوزيشن پيدا ٿي وئي،ان ڊيڊلاڪ جي خاتمي لاءِ ادارن ۾ مختلف راءِ رکندڙن کي عهدن تان هٽائڻ ضروري ٿي پيو آهي.

نوٽ: معظم فخر جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 26 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.