مريم نوز اسان جي چيئرمين جي عزت نه ڪندي ته اتحادي حڪومت به نه هلندي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته جيڪڏهن مريم نواز پنهنجو موقف تبديل نه ڪيو ته اسان مطالبو ڪنداسين ته هي اتحاد هاڻي نٿو هلي سگهي، مريم نواز پنهنجي پيءُ کي چپ ڪرائي پاڻ ڳالهائي رهي آهي.
حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن اتحاد هلائڻو آهي ته اسان جي چيئرمين جي عزت ڪريو.
مولا بخش چانڊيو چيو ته پي ٽي آءِ ن ليگ کي پنجاب ۾ ٽف ٽائيم ڏنو آهي، هو انڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته وڏي ميان صاحب به علائقائي ڳالهه ڪئي، صوبي لاءِ ڪهڙيون اسيڪمون ڏنيون ؟ مريم نواز پنهنجي پيءُ کي خاموش ڪرائي پاڻ ڳالهائي رهي آهي.
مولا بخش چانڊيو چيو ته مريم نواز ساک بچائڻ لاءِ ”جاگ پنجابي جاگ“ جو نعرو هڻي رهي آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.